راڌا 2

راڌا2 (ذات): هيءَ هڪ ذات آهي، جيڪا بنديجا ذات جو پاڙو ليکجي ٿي. ڪرامتين جو چوڻ آهي ته بنديجا هڪ نالو آهي. راڌا اصل ۾ سندن ذات جو هڪ پاڙو آهي. هن نالي سان راڌا اڱاريا، راڌا بنديجا، راڌا جت ملڪاڻي، راڌا ڪرشناڻي وغيره جھڙيون ذاتيون به سڏجن ٿيون. هنن مان راڌا اڱاريا، ڪرمتين جي ذات جو هڪ پاڙو آهي، جنهن ۾ وري هيٺيون ذاتيون اچي وڃن ٿيون: بجاراڻي، پٺاڻ، پڃاڻي، جيئنداڻي، داواڻي، راڌاڻي، سليماناڻي، ميهوٽاڻي، ڪاراڻي، ڪڪائي ۽ ميراناڻي. راڌا بنديجا پڻ ڪرمتين جي ذات جي شاخ آهي، جنهن ۾ وري هيٺيون ننڍيون ذاتيون اچي وڃن ٿيون: (1) بليجا، (2) باندڻ پوٽا، (3) ٽوبديپوٽا، (4) ٽـونڊا، (5) دراڻـي، (6) سـارئي پـوٽا، (7) سجـا، (8) کــڙيـرا، (9) عـمـر، (10) مرزاڻي ۽ (11) موسي پوٽا. راڌا جت قبيلي ۾ به ٻٻر، صحراڻي لاکاڻي ننڍيون ذاتيون آهن. ان سميت راڌا ڪرشناڻي وري ڀاٽيا ذات وارن جي دونگا شاخ جو هڪ پاڙو آهي، جيڪي اصل ۾ جيسلمير جا آهن ۽ بعد ۾ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. راڌا ذات وارن جو تفصيل خير محمد ٻرڙي پنهنجي تصنيف ڪيل ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا ۾ آندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو